پُڇِرُ تارو/ پُڇڙُ تارو

پُڇِرُ تارو/ پُڇڙُ تارو

پڇِر تارو پڇڙ تارو

پُڇِرُ تارو/ پُڇڙُ تارو: نظام شمسيءَ جي دائري ۾ گهمندڙ اهو تارو، جنهن کي پٺيان ٻهاريءَ وانگر پُڇ هجي. چوٽيڙ تارو، نظام شمسيءَ جو هڪ گرهه، جيڪو سج جي چوڌاري پنهنجي مدار تي گردش ڪندو آهي. عام طرح اُهو هڪڙي روشن ڪڪر وانگر هوندو آهي، جنهن ۾ روشن ذرا هوندا آهن، جن مان سج جي شعاع ۽ دٻاءَ سبب ذرڙا خارج ٿيندا آهن، جيڪي ٻُهاري وانگر شڪل اختيار ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن پڇ جي ڊيگهه ڏهه ڪروڙ ميلن کان به وڌيڪ هوندي آهي، جيڪي پڇڙ تارا هن وقت تائين معلوم ٿيا آهن، تن جي گردش جي مدت 203 سالن کان وٺي هزارن سالن تائين ڪئي وئي آهي.ٻيا ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿيندڙ پڇر تارا، جنهن سال پيدا ٿين ٿا، انهيءَ سال جي نالي سان ليکبا آهن.
جديد تحقيق موجب، پڇڙ تارا برفاني گولا آهن، جيڪي ڪائنات ۾ گردش ڪندا رهن ٿا، انهن مان ڪي نظام شمسيءَ جو حصو آهن، ڪنهن دؤر ۾ جڏهن ڌرتي گئس جي گولي مان تبديل ٿي سخت مادي جي صورت ورتي هئي، ان تي پاڻيءَ جو وجود به ڪو نه هو، تڏهن ڌرتي ڪنهن اهڙي پڇر تاري وٽان گذري، ۽ ڪشش جي سبب انهيءَ برفاني گولي مان ڪافي مقدار ۾ برف ڌرتيءَ جي گولي کي وڪوڙي وئي، اها ئي برف هئي، جنهن جي پاڻيءَ مان سمنڊ وجود ۾ آيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو